38

برسات کان پوءِ ڪراچي جي بدترين صورتحال، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي طرفان پ پ تي تنقيد

ڪراچي: ڪراچي ۾ گذريل رات تيز برسات کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي پيپلز پارٽي کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه دير جي برسات  دوران ڪراچي تلاهه جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال بلدياتي نمائندن  جون سموريون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان چيو ويو آهي ته ڪراچي جي روڊن تي نه بلدياتي نمائندا آهن ۽ نه ئي وري ٽريفڪ پوليس آهي. ٻئي طرف جماعت اسلامي جي ترجمان چيو ته ڪراچي جي ميئر جي ماتحت واٽر بورڊ جو عملو ڪٿي آهي؟ نالن جي صفائي م ڪرپشن نه ٿئي ها ته نظام خراب نه ٿئي. جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته خطرو آهي ته برسات جي پاڻي ۾ ناقص مٽيريل سان ٺهيل روڊ ٻيهر تباهه نه ٿي وڃن. شاهراهه فيصل تي ڪيترائي ماڻهو آهن انهن جو جواب ڪير ڏيندو؟ ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڇنڇر جي رات تيز برسات پئي جنهن سبب شهر جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ان کان علاوه آچر جي صبح به ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں