46

آءِ ايم ايف صنعتي شعبي کي رليف ڏيڻ جي تجويزن تي غور لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  آءِ ايم ايف صنعتي شعبي لاءِ سفڪ جي تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ ايم ايف صنعتي شعبي تي سبسڊي جي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪونسل(سفڪ) جي تجويزن تي غور ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ذريعي صنعتي شعبي تي سبسڊي جي بار ۾ 91 سيڪڙو تائين لاٿ ٿيندي. جڏهن ته صنعتي شعبن کي بجلي جي بلن جي مد ۾ 29 سيڪڙو تائين بچت ٿيندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ان حوالي سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف انتظاميه وچ ۾ ايندڙ هفتي ورچوئل ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف ايندڙ هفتي پي آءِ اي جي 268 ارب روپين جي واپاري قرض جي بندوبست بابت حڪومتي منصوبي ۽ انرجي سيڪٽر جي 1.28 هزار ارب روپين جي گردشي قرضن جي خاتمي وارن منصوبن جو به جائزو وٺندو.

ذريعن موجب صنعتي شعبي تي بجلي جي بلن جو بار گهٽ ڪرڻ، پي آءِ اي جو قرض ۽ انرجي سيڪٽر جو گردشي قرض ختم ڪرڻ جي منصوبن تي سفڪ جي 2 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ جائزو ورتو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته صنعتي شعبي تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ رهائشي صارفين تي بار ۾ اضافو ڪرڻ جو منصوبو آءِ ايم ايف کي پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي صارفين جي بجلي جي بلن ۾ خاطر خواهه اضافو ٿي ويندو. اهڙي طرح صنعتي شعبي کي 222 ارب روپين جي بچت ٿيندي. پر 400 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي 41 سيڪڙو يا 22 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. اهو اضافو بجلي جي بلن ۾ 50 روپين کان 3 هزار روپين تائين جي فڪس چارجز لاڳو ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں