41

بلاول ڀٽو ضد ۾ اچي لاهور مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو: عطاءُالله تارڙ

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ضد ۾ اچي لاهور مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته بلاول ڀٽو طرفان لاهور مان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو غلط هو، ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، ڪاميابي عوام سان گڏ مهم هلائڻ سان ملندي آهي. بلاول ڀٽو کي 2024 جي چونڊن ۾ شڪست ملي چڪي آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته اسان هر جڳهه تي جلسا ڪري رهيا آهيون ۽ ان سان گڏ هر جڳهه تي موجود  آهيون. لاهور ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ نه آهي. پيپلز پارٽي ضد ۾ لاهور مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پيپلز پارٽي لاهور ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي.

ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين لاهور ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي ووٽ خريد ڪرڻ چاهي ٿو. پيپلز پارٽي جي آفيس مان نوٽ ڳڻپ ڪندڙ مشين ملي آهي. انهن 50 کان 60 هزار ووٽ خريد ڪرڻ جو پلان ٺاهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بلاول اوهان لاهور ۾ ٽئين نمبر جا اميدوار آهيو، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ انٽري چاهي ٿي، ڪنهن کي به بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين. عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته منهنجو مقابلو هڪ وڏيري سان آهي بلاول ڀٽو ته واپس سنڌ هليو ويندو. اسان کي ۽ ووٽ وڪرو ڪندڙن کي هتي ئي رهڻو آهي ووٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں