53

عام چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ حڪومت ٺاهينداسين، نوازشريف اسان جو اڳواڻ هوندو: جهانگير ترين

ملتان: استحڪام پاڪستان  پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته  عام چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ حڪومت ٺاهينداسين نوازشريف اسان جو اڳواڻ هوندو.

ملتان ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته مان نوازشريف سان ملي ڪم ڪندس، ڪوشش هوندي ته ملي معيشت کي چمڪايون، شينهن هجي يا  باز، اسان سڀني کي ملي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. اسان پوري ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. نوازشريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي ڪندو.

هن چيو ته مون کي رب پاڪ جيڪو ڏنو آهي انهي مان ماڻهن جون حالتون بهتر ڪري رهيو آهيان، ملڪ جي معيشت بهتر هوندي ته سمورا ماڻهو ترقي ڪندا. الله اسان کي ڪامياب ڪري ته 8 فيبروري کان پوءِ ملڪي معيشت کي چمڪائينداسين.

جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته ڪوشش هوندي ته اميد رکندڙن جي اميد تي پورو لهون. جيڪو نوڪري ڪري رهيو آهي ان جون پگهارون وڌائينداسين لکن جي انگ ۾ نوڪريون پيدا ٿينديون. ڪاميابي کان پوءِ سڀني کان پهريان تڪ جون حالتون تبديل ڪنداسين. انشاءَالله تڪ جو ڪم 100 جي بجاءِ 500 کان شروع ڪنداسين.

جهانگير ترين چيو ته ملتان جي ماڻهن جو جذبو ڏسي دلي خوشي ٿي رهي آهي هي منهنجو اباڻو گهر آهي پر هتي دير سان پهتو آهيان الله مون کي موقعو ڏنو ته پنهنجي اباڻي گهر جي خدمت ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں