39

غربت جي صورتحال کان واقف آهيان، اسان عوام کي پاڪستان ۾ ڪمائڻ جا موقعا ڏينداسين: آصف زرداري

چڪوال: پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته غربت جي صورتحال ڇا آهي. اسان اوهان کي خوشحال بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ اوهان کي پاڪستان ۾ ڪمائڻ جا موقعا ڏينداسين.

تله گنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه غريبن کي دل جي آواز سمجهي ٿي ۽ اسان اهوئي محسوس ڪندي اسان بي بي شهيد راڻي جي نالي سان هڪ ڪارڊ جاري ڪيو جيڪو عورتن کي انهن جا حق ڏيندو آهي.

هن چيو ته مون کان ڪنهن به انهي ڪارڊ جي گهر نه ڪئي هئي پر مون کي خبر آهي ته غريب عورتن جي  ڪهڙي حالت آهي. اڄ به مون کي خبر آهي ته غربت جي ڪهڙي صورتحال آهي. ڇو ته مان جڏهن اقتدار ۾ هئس ته ان جي مقابلي ۾ اڄ غربت ٻيڻي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته مون 100 سيڪڙو پگهارون وڌايون، ماڻهن جي خدمت ڪئي، پر اڄ اهو حال آهي ته قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. هي اهڙي قسم جون حڪومتون هلائيندا آهن، هي اوهان جي فصل کي  اهميت نه ڏيندا آهن جيڪڏهن مان  اوهان جي فصلن کي پئسا ڏيندس ته اوهان خوشحال ٿيندو.

اڳوڻي صدر چيو ته خوشحالي ان وقت ايندي آهي جڏهن ڀرپاسي ۾ امير ۽ بهتر ماڻهو هجن. اهو نه هجي ته صرف دبئي هلو ۽ اتان کان ڪمائي اچو. پر پاڪستان ۾ ڪمايو ۽ اسان اوهان کي پاڪستان ۾ ڪمائڻ جا موقعا ڏينداسين. هن چيو ته مان اوهان سان ٻيهر ملندس ۽ جيڪي وقت اوهان سان زيادتيون ڪيون آهن جن ماڻهن علائقي جي ماڻهن سان زيادتيون ڪيون آهن اهي سڀ زيادتيون ختم ڪيون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں