82

ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه بخش پاشا اسلام آباد ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ ٽيم سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ تحت جاري پروگرامن تي تيزي سان عملدرآمد جي خاطري ڪرائي وئي، بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ يوگا پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ جي پڪ ڏياري، ان سلسلي ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ هميشه ملڪ ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ جي ايجنڊا جي پيروي ۾ مدد ڪئي آهي، موجوده دور ۾ پاڪستان کي مختلف مالياتي چئلينجز آهن، معيشت کي پائيدار ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالر اضافي سپورٽ ڏئي رهي آهي، اضافي سپورٽ مالي سال 2023ع لاءِ فراهم ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں