84

وقت کان اڳ اليڪشن اتحادين جي صلاح مشوري بعد ٿيندي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (رپورٽر) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اليڪشن وقت کان اڳ اتحادين جي صلاح مشوري سان ئي ٿينديون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انشاءَ الله نواز شريف ايندڙ اليڪشن کان اڳ پاڪستان ضرور ايندو، وفاقي وزير چيو ته في الحال ن ليگ سربراهه جي طبيعت ٺيڪ ناهي، صحت جا مسئلا حل ٿيڻ کانپوءِ هو ڏيهه ايندو. اعظم نذير چيو ته اليڪشن ڪميشن به عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ 6 کان 7 مهينا وقت گهريو آهي، وقت کان اڳ چونڊون اتحادين جي صلاح مشوري کانپوءِ ئي ٿينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں