33

دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ گوليون هڻي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

دوداپور: دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ گوليون هڻي پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

دوداپور ڀرسان تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفر مندراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاء علي حسن مندراڻي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري 18 ورهين جي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي قتل ٿيل عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

قتل جي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں