33

رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عيدالفطر 10 اپريل اربع تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد سائنسي بنيادن تي عيد جو چنڊ 29 جو هجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سائنسي بنيادن موجب پاڪستان ۾ عيدالفطر اربع 10 اپريل تي ٿي سگهي ٿي. رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عبدالخبير آزاد شوال جي چنڊ لاءِ سائنسي مدد وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

مولانا عبدالخبير آزاد سائنسي بنيادن تي عيد جو چنڊ 29 جو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته سائنسي حوالي سان چنڊ جي عمر 20 ڪلاڪ جي ويجهو ۽ زاويو به 10 ڊگري هوندو.

رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته فواد چوڌري کي به چيو هو ته اسان سائنسي ماڻهن کي مڃون ٿا پر وقت اچڻ تي چنڊ جو فيصلو شهادت ۽ شريعت موجب ڪنداسين. جيڪڏهن رمضان جو چنڊ 29 تي ٿيو ته ان موجب پاڪستان ۾ عيدالفطر اربع 10 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں