63

سيبس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ”پرسنل برانڊنگ پراجيڪٽ ڊسپلي“ نالي پوسٽر ۽ لوگو نمائش

ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ 60 کان وڌيڪ پوسٽر ۽ لوگو نمائش لاءِ رکيا ويا جن ۾ شخصيت جي خصوصيت ۽ برانڊنگ کي نمايان ڪيو ويو.

”پرسنل برانڊنگ پراجيڪٽ ڊسپلي“ نالي تي لڳايل نمائش ۾ ڪميونيڪيشن ڊيزائن شعبي جي ٽئين سال جي 22 شاگردن پاران فيڪلٽي ميمبرن ممتاز علي منگي، محمد زمان ڀٽو ۽ سيده جويريا جي نگرانيءَ ۾ ڊجيٽلائيزڊ پوسٽر ۽ آرٽ جو ڪم رکيو ويو.

سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ چيو ته شاگردن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ خيالن جو اظهار بامعنيٰ ڪمپوزيشن ذريعي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته پوسٽر نمائش نوجوانن جي صلاحيتن، خيالن جي گهرائي، تخليقي اظهار ۽ مارڪيٽ جي ڄاڻ کي مؤثر انداز سان ظاهر ڪري ٿي.

شاگردن پاران زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور ۽ ڪامياب شخصيتن جهڙوڪ: قائداعظم محمد علي جناح، محترمه بينظير ڀٽو شهيد، پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، راشد منهاس شهيد، ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر، پائليٽ مريم مختيار، منيبا مزاري، سعادت حسن منٽو، عابده پروين، نور جهان، استاد نصرت فتح علي خان، پروين شاڪر، حنا رباني کر، بابر اعظم، ثنا مير ۽ ٻين جي تصوري انداز ۾ پنهنجو روپ ضم ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں