114

ڪراچي جي ناري ڪوٽڙي واسي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ڄامشورو: ڪراچي واسڻ ناري ڪوٽڙي جي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ڪراچي پوليس ڪوٽڙي ۾ چڙهائي ڪري پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان انيل ڪمار جي والد ۽ وڏي ڀاءُ کي کنڀي کڻي وڃي اغوا جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، تحفظ ڏنو وڃي، پريمي جوڙي جي ڄامشوري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو.

ڪراچي ڪورنگي جي ضياء ڪالوني واسڻ نوجوان ناري سويرا اوڏ ڪوٽڙي جي ليبرڪالوني سائيٽ ايريا جي رهواسي نوجوان انيل ڪمار سان حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ گذريل 13 مارچ تي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پيار جي پرڻي سبب ناري جا وارث سندن جاني دشمن بڻجي ويا آهن جنهن سبب جوڙو درپدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي.

پريمي جوڙي انيل ڪمار اوڏ ۽ سويرا اوڏ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تي پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي پيار جي شادي ڪرڻ بعد ناري جا وارث جاني دشمن بڻجي ويا آهن جن ڪراچي ۾ ناري سويرا جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڪراچي پوليس کي وٺي ڪوٽڙي ۾ اوڏ برادري جي گهرن تي چڙهايون ڪرائي پريمي انيل ڪمار جي والد سڪندر اوڏ ۽ وڏي ڀاءُ عقيل اوڏ کي گرفتار ڪرائي کڻائي وڃي چالان ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪي ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قيد آهن.

پريمي انيل ڪمار چيو ته منهنجو سويرا سان فون تي رابطو ٿيو هو منهنجي ذات واري آهي رشتو گهريوسين ته سويرا جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد مجبوري ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن ڪري سويرا جا مائٽ دشمن بڻجي ويا آهن گهرن تي پوليس چڙهاين سان گڏ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اسان درپدر لڳا پيا آهيون سويرا جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي منهنجي والد ۽ وڏي ڀاء کي سينٽرل جيل ۾ چالان ڪرائي ڇڏيو آهي ڪورٽ ۾ نڪاع نامه به پيش ڪيا آهن پوءِ به کين آزاد نه ڪيو ويو آهي اسان کي زال سويرا جي مائٽن سندس چاچو معشوق دادا، سوئٽ برڪت، رابيل، گلاب راء ۽ دلدار اوڏ مان جاني خطرو آهي آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن ۽ منهنجي والد ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.

پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري سويرا چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو پنهنجي مرضي ۽ راض خوشي سان انيل ڪمار سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي ان ڪري منهنجي مائٽ سخت ناراض ٿيا آهن جن منهنجي سهري سڪندر ۽ ڏير عقيل مٿان منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کين گرفتار ڪرائي جيل موڪلرايو آهي، هن چيو منهنجي ڀيڻ آهي ان کي به خطرو  آهي ان کي استعمال ڪري منهنجي مڙس مٿان غلط الزام هڻي سگهن ٿا منهنجو ويڳو چاچو معشوق دادا ۽ سوئٽ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا جن مان هروقت خطرو آهي اسان جو مطالبو آهي منهنجي اغوا جو داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري سهري ۽ ڏير کي آزاد ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن پنهنجي زندگي گذاري سگهون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں