28

ڪوئلي جي کاڻ وٽ ٽنڊو مٺا خان واسي پورهيت هٿياربندن هٿان قتل

ڄامشورو: مانجھند ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز ۾ ٽنڊو مٺا خان واسي پورهيت هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو.

هٿياربندن حسيني ڪول مائنز تي ڪم ڪندڙ عمران راڄڙ پٽ عارب راڄڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جنھن بعد نوجوان پورھيت جي لاش کي تعلقا اسپتال مانجھند پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويندو.

هوڏانهن نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪيون پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں