29

آءِ جي سنڌ يوم علي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

ڪراچي: حضرت علي رضه جي يوم شهادت جي موقعي تي آءِ جي سنڌ صوبي ۾ فول  پروف سيڪيورٽي قدم کڻڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته يوم علي رضه جي موقعي تي مرڪزي جلوس جي گذرگاهن مجلس جي هنڌن تي سيڪيورٽي جي گڏيل معاملن کي مشروط ۽ موثر بنايو وڃي.

غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته جلوس جا روٽ، مرڪزي اجتماع جي سيڪيورٽي کي واچ ٽاورز ۽ بلند عمارتن تي اسنائرز جي ڊپلائمنٽ کي يقيني بنايو ويندو. مرڪزي جلوس سان ملندڙ سمورن رستن، انٽري پوائنٽس تي سيڪيورٽي کي هر لحاظ سان غير معمولي بنايو وڃي.

هن چيو ته مختلف علائقن مان برآمد ٿيندڙ مرڪزي ۽  ننڍن وڏن جلوسن  علائقن ۾ انٽيليجنس کي وڌيڪ وڌايو ويندو. ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته هر ضلعي جي ٿاڻن ۾ رابطن جي حڪمت عملي تي اسنيپ چيڪنگ دوران پيٽرولينگ ۽ سرچنگ تي خصوص فوڪس رکيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں