34

شڪارپور ڀرسان ڌاڙيل جو پوليس موبائل تي راڪيٽن سان حملو، 3 اهلڪار زخمي

شڪارپور: شڪارپور ڀرسان ڌاڙيلن پوليس  موبائيل مٿان راڪيٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب هٿياربندن انڊس هاءِ وي ناپر ڪوٽ ٿاڻي ٿاڻي جي حد وٽ گشت ڪندڙ پوليس موبائل مٿان راڪيت فائر ڪرڻ بعد فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار يوسف پٺاڻ، عبدالوحيد جکرو ۽ جنسار علي زخمي سخت زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل اهلڪارن کي شڪارپور اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ڌاڙيلن پاران حملي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں