86

حقيقي آزاديءَ جي جنگ ۾ هر بدمعاشي جو جواب ڏنو ويندو: قاسم سوري

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو آهي ته حقيقي آزادي جي جنگ ۾ هر بدمعاشي جو جواب ڏنو ويندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ قاسم سوري لکيو ته سيالڪوٽ جلسي گاهه ۾ رياستي ادارن پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي،پنهنجي ٽوئيٽ ۾ قاسم سوري لکيو ته عثمان ڊار ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، آزادي جي جنگ ۾ هر بدمعاشي جو جواب ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں