30

عالمي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم شهباز شريف جو جوبائيڊن کي جوابي خط

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر جوبائيڊن جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي ۽ گرين الائنس جي قدمن ۾ تعاون کي خوشي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خط ۾ وزيراعظم چيو ته آمريڪا سان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ملي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل حدف حاصل ڪرڻ لاءِ به ملي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو ويو هو ۽ اهو وزيراعظم شهباز شريف جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ آمريڪي صدر کي پهريون خط هو.

اهو ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪنهن به آميڪي صدر جو پاڪستاني وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط آهي ۽ اهو لکيل خط پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اشارو آهي.

سائفر معاملي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي الزامن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ اچي وئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف جي اچڻ کان پوءِ آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي ۽ بهتري ڏسڻ ۾ آئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں