33

يوم شهادت حضرت علي جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس، مجلسون ۽ عزاداري

ڪراچي: (سومر: 01 اپريل 2024ع) اڄ سڄي ملڪ ۾ 21 رمضان يوم شهادت حضرت علي رضه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. يوم علي جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ مجلسون  منعقد ڪيون وينديون ۽ جلوس ڪڍيا ويندا.

اسلام آباد ۾ گذريل رات يوم شهادت  حضرت علي جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه زينبيه مان برآمد ٿي پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاهه اثڻا عشري پهچي اختتام پذير ٿيو.

ڪراچي ۾ يوم علي جو جلوس ٻنپهرن جو هڪ وڳي برآمد ٿيندو جلوس جي گذرگاهن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو آهي. جلوس ايم اي جناح روڊ، ريگل چوڪ، پريڊ اسٽريٽ کان گذر  شام 7 وڳي حسينيه ايرانيان، کهارا در، تي اختام پذير ٿيندو. جلوس جي وقت ٽريفڪ کي گرو مندر چوڪ کان اڳيان جلوس جي روٽ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

ناظم آباد کان ايندڙ ٽريفڪ لسبيله چوڪ کان نشتر روڊ، لياقت آباد کان ٽريفڪ تين بتي چوڪ کان جيل روڊ طرف موڙيو ويندو.

اسٽيڊيم روڊ کان ايندڙ ٽريفڪ کي نيو ايم اي جناح روڊ، شاهراهه پاڪستان جي ٽريفڪ کي لياقت آباد نمبر 10 کان ناظم آباد وڃڻ جي اجازت هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں