30

موسميات کاتي شوال جو چنڊ 9 اپريل تي نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: (سومر: 01 اپريل 2024ع) سڄي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ 9 اپريل تي نظر اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي عيدالفطر جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته نئين چنڊ جي پيدائش 8 اپريل تي رات 11 لڳي 21 منٽن تي ٿيندي ۽ 9 اپريل تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن.

موسميات کاتي موجب 9 اپريل تي ملڪ جي وڌيڪ هنڌن تي موسم صاف رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ موسم جهڙالو رهي سگهي ٿو.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 9 اپريل تي چنڊ جي عمر 19 کان 20 ڪلاڪ ٿي ويندي ۽ سج لهڻ کان پوءِ چنڊ نظر اچڻ جو ٽائيم 50 منٽن کان وڌيڪ هوندو. ياد رهي ته ان کان اڳ رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد به سائنسي بنياد تي رمضان جو چنڊ 29 جو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري چڪو آهي.

رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پاڪستان ۾ عيدالفطر اربع 10 اپريل تي ٿي سگهي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں