82

پاڪستاني قوم هاڻي ڊڄڻ واري ناهي: اسد عمر

سيالڪوٽ (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته قوم هاڻي ڊڄڻ واري ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اسد عمر چيو ته حڪومت تشدد جو رستو اختيار ڪيو ۽ عثمان ڊار ۽ ٻين کي سيالڪوٽ ۾ عمران خان جي تاريخي جلسي جي خوف کان گرفتار ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته قوم هاڻي ڊڄڻ واري ناهي، سيالڪوٽي تيار ٿي وڃو، ڪپتان اڄ شام سيالڪوٽ اچي رهيو آهي.اسد عمر وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان ڏسندو ته سيالڪوٽ پنهنجي ڪپتان سان گڏ بيٺو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں