30

وفاقي وزير چوڌري سالڪ بشام حملي ۾ مارجي ويل انجنيئرز جا مڙهه کڻي چين پهچي ويو

بيجنگ: (سومر: 01 اپريل 2024ع)وفاقي وزير چوڌري سالڪ بشام آپگهاتي  حملي ۾ مارجي ويل چيني انجنيئرز جا مڙهه کڻي چين پهچي ويو آهي.

چيني انجنيئرز جا مڙهه پاڪستان ايئرفورس جي جهاز ذريعي چين جي شهر ووهان منتقل ڪيا ويا. ان کان اڳ بشام آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويل 5 چيني انجنيئرز جي لاءِ نور خان ايئربيس تي گل رکڻ جي تقريب ۾ صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ عسڪري قيادت طرفان گل رکيا ويا. جڏهن ته 30 سيڪنڊ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن بشام ۾ گاڏي تي ٿيندڙ آپگهاتي حملي ۾ 5 چيني انجنيئرز سميت 6 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي جاچ لاءِ جوائنٽ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں