36

ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ هدف کان 30 سيڪڙو واڌو ٽيڪس گڏ ڪري ورتي

اسلام آباد: (سومر: 01 اپريل 2024ع) فيڊرل بورڊ آف هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران 30 سيڪڙو واڌ سان 6 هزار 710 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪري ورتو.

ايف بي آر موجب ان عرصي ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 6 هزار 707 ارب رپيا هو، اهڙي ريت ايف بي آر مقرر هدف کان 3 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا.

ايف بي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 369 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 254 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا هئا.

رڳو مارچ جي مهيني ۾ 879 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿيون، مارچ جي مهيني ۾ 67 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال مارچ ۾ 22 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں