85

ايندڙ 15 ڏينهن سياست لاءِ انتهائي اهم آهن: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن سياست ۾ اهم هوندا.پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته 17 ۽ 18 مئي کان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جيڪا عمران خان خلاف سازش هئي.شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري ن ليگ جو پراڻو قرض سود سميت واپس ڪيو آهي، ادارن کي ڪمزور ۽ جاهل سمجهڻ وارا عقل جا انڌا آهن.هن چيو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير تي اڄ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو پر اهي طاقت ۽ عذر جي بنياد تي ملتوي ڪيا ويا. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته چار ڏينهن واري لنڊن ياترا ن ليگ کان وڌيڪ غلط فيصلا  ڪرائيندي، ن ليگ کي وڌيڪ ڦاسائيندي ۽ ملڪ کي ڊفالٽ بڻائيندي.هن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي کي ان ڪري هٽايو ويو، ڇاڪاڻ ته هن حمزا ۽ شهباز جا مني لانڊرنگ ڪيس واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں