44

”جيڪو يشما سان شادي ڪندو، اهو خدا کان ئي ڊڄندو“ : عمير رانا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪار عمير رانا پنهنجي ساٿي اداڪارا يشما گل پاران خدا کان خوف رکندڙ مرد سان شادي جي خواهش تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته جيڪو مرد اداڪارا سان شادي ڪندو ان کي رڳو خدا جو خوف ئي هوندو.

تازو عمير رانا هڪ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيو جتي يشما گل جي شادي بابت ڳالهه ٻولهه پنهنجي ڳالهه رکي آهي. انٽرويو ۾ ميزبان جي سوال تي مرڪيندي چيو ته جيترو هو يشما گل کي سڃاڻي ٿو، هوءَ جنهن مرد سان شادي ڪنديم اهو خدا جو خوف ئي رکندو.

ان ڀوڳ تي عمير رانا به کلي ڏنو جڏهن ته اتي موجود احمد علي بٽ به کل نه روڪي سگهيو ۽ چيائين ته عمير رانا جي ڳالهه تي ميمز ٺهندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں