81

عمران خان جي ناڪاميءَ جو سبب سندس نااهلي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي ناڪامي سندس نااهلي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال لکيو ته عمران نيازي مسلسل ملڪ ۾ سياسي ۽ ادارتي انتشار پکيڙي رهيو آهي.ٽوئيٽ ۾ احسن اقبال لکيو ته سندس قومي ادارن، فوج، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بڻائڻ رڳو اتفاق ناهي پر سندس ناپاڪ ارادن ۽ ايجنڊا جي عڪاسي آهي.هن وڌيڪ لکيو ته عمران نيازي اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس ناڪامي سندس نااهلي سبب ٿي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں