32

وڏي وزير سان عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات، اهم رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسين اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ آپريشنر مئنيجر گيليس جي ڊريجليس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ جي مدد سان شروع ڪيل منصوبن ۾ ڪم جاري آهي، چونڊن سبب ڪجهه منصوبن تي ڪم سستي جو شڪار ٿيو جن تي هاڻي ڪم تيز ڪيو ويو آهي.

ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ ڄام صادق پل جي اڏاوت جو ڪانٽريڪٽ سائن ٿي چڪو آهي، ڄام صادق برج جي نئين سر اڏاوت لاءِ شروعاتي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.
اجلاس ۾ ڪلڪ پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي، ڪلڪ پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۾ شهري سهولتن ۽ ڊليوري سروسز کي بهتر ڪرڻ آهي. لوڪل ڪائونسلز کي سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي گرانٽ ڏيڻ ۽ صلاحيت کي وڌائڻ شامل آهي.
وڏي وزير چيو ته هو مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهن، مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو ته پراپرٽي ٽيڪس سسٽم کي جديد گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ پراجيڪٽ جو حصو آهي.
سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ٽيڪنيڪل سپورٽ ڏيڻ ۽ ايمرجنسي ريسپانس ڪلڪ پراجيڪٽ جو حصو آهن. ايمرجنسي ريسپونس جي سڀني معاملن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪي ايم سي 23 ننڍن پراجيڪٽس مان 19 مڪمل ڪري ورتا آهن. رهيل چار منصوبا اپريل تائين مڪمل ٿي ويندا.
پراپرٽي ٽيڪس جي سروي لاءِ ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ لاءِ ڪاغذ تيار ڪيا ويا آهن.
سعيد غني ٻڌايو ته ڪاغذ ورلڊ بينڪ سان شيئر ڪيا ويا آهن. جيئن ئي ورلڊ بينڪ جي سروي اچي ويندي ته ڪم شروع ڪرايو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بزنس انوائرنمينٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي، سنڌ بزنس پورٽل کي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ لاڳو ڪيو ويندو.
مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني بريفنگ ۾ ٻڌايو ته لينڊ فل سائيٽ جي اڏاوت لاءِ جلد معاهدو ڪيو ويندو.
پي اينڊ ڊي چيئرمين نجم شاهه آگاهي ڏني ته ڌاٻيجي ۽ گوند پاس لينڊ فل سائيٽ جي اڏاوت جا ٽي او آرز ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي اسٽڊي لاءِ ڏنا آهن.

ملاقات دوران وڏي وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي ٽيم سام 13 منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں