118

رينجرز ۽ پوليس جون سنڌ جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، ڪيئي جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: رينجرز ۽ پوليس پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن.
گهوٽڪي جي علائقي ڳوٺ ڪوٽلا ويجهو ڀاڳو داهو ۾ رينجرز ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي مختلف ڏوهن ۾ ملوث راهب شر گينگ سان واسطو رکندڙ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدارن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار غلام نبي مارجي ويو جڏهن ته منير احمد شر، محمد عالم، عبدالحڪيم ڍنڍو، حضور بخش ۽ بابر اعظم کي گرفتار ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں