37

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بلند ترين سطح جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس نئين تاريخ لکي ڇڏي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي 100 انڊيڪس ۾ هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 67 هزار 873 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.
پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 869 پوائنٽون واڌ سان 67 هزار 756 جي سطح تي بند ٿيو.
بازار ۾ اڄ 36 ڪروڙ 18 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 11 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 59 ارب رپيا وڌي 9 هزار 452 ارب رپيا آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں