74

ماحول خراب ٿي رهيو آهي، حڪومت هوش کان ڪم وٺي: شاهه محمود قريشي

سيالڪوٽ (م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ قانوني ۽ آئيني فيصلا ڪري.پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي لاٺي چارج ۽ بلا جواز گرفتارين جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو پرامن احتجاج جي پنهنجي آئيني حق کان پوئتي نه هٽندا.شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو پهريون جلسو پنجاب ۾ نه ٿي رهيو آهي، مان اٽڪ، جهلم ۽ ميانوالي ۾ پرامن جلسا ڪيا آهن، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ به پنهنجا جلسا ڏٺا آهن.هن چيو ته اسان سمورا جلسا پرامن طريقي سان ڪيا ۽ امن امان جي پاسداري ڪئي ۽ اڄوڪي جلسي جي حوالي سان رات دير تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو پر انتظاميا جو رويو فوري طور تبديل ٿي ويو.هن چيو ته ماحول کي خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيڪا باهه لڳي رهي آهي اها سيالڪوٽ تائين محدود نه رهندي پر سڄي پنجاب کي لپيٽ ۾ آڻيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں