100

وومين ايڪشن فورم جي گڏجاڻي: پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ گهرو وزير پاران جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ کي خوشي جوڳو قدم قرار ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد: (خميس: 04 اپريل 2024ع) وومين ايڪشن فورم جي گڏجاڻي ۾ سنگرار مان 22مھينا اڳ اغوا ٿيندڙ پريا ڪماري جي ڪيس بابت موجوده صورتحال تي ڳالھائيندي پريا ڪماري اغوا معاملي تي ڪجهه غير سنجيده ماڻھن پاران ڪيس کي خراب ڪرڻ لاء ھلايل سوشل ميڊيا مھم جي سخت مذمت ڪئي ويئي جنھن ۾ پريا ڪماري جي والدہ يا  سندس ڪٽنب خلاف ڪردار ڪشي وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. ويف پاران  واضع ڪيو ويو آھي  ته ڪجھه شڪي قسم جي ماڻهن کي اھو اختيار نٿو ڏيئي سگھجي تہ اھا متاثره ماء جي داد رسيءَ بجائي ان جي دل آزاري ڪري سندس ڪردار ڪشي ڪن ۽ خاص طور تي جڏھن سڄي سنڌ ان اشو تي سرگرم  آھي ۽ سنڌ جي ھر شھر ۾ احتجاجي مظاھرا پڻ ٿي رھيا آھن،  تڏھن ڄاڻي واڻي شڪي ڪردارن کي سامھون آڻي ڪيس بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ويف ان ڏس ۾ گهرو وزير پاران جڙندڙ نئين جاچ ڪاميٽي کي خوش آئيندہ قرار ڏنو پر اھو واضع ڪيو ته ان ۾ ڪجھه پوليس آفيسر اڳ ئي اڳوڻي جاچ ٽيم جو حصو ھئا تنھن ڪري اڳوڻي معلومات جي بنياد تي کين ھاڻي پريا ڪماري جي بازيابي جي ذميواري رکي وڃي.  باقي اھا ڳالھہ قطعي ناقابل قبول آھي تہ ھي بلائينڊ ڪيس آھي، ڪيس بابت جيڪي به حقيقتون يا رڪاوٽون سامھون آيون آھن انھن کي دور ڪندي پوليس جي ذميواري آھي تہ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي.

اسان سمجھون ٿا تہ  پدر شاھي سماج  جي سوچ مطابق تہ ھر ڏوھ ۽ غلطي کي ڪمزور ڌر, عورت تي مڙھي ان کي ئي نشانو ٺاھيو ہيو وڃي  جيڪو نا قابل برداشت آھي. وومين ايڪشن فورم.پاران اھڙي قسم جي افواھن ھلائڻ ۽ سنسني پکيڙي ڪيس کي خراب ۽ غلط رخ ۾ وٺي ويندڙن  خلاف قانون ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ٿو وڃي  ۽ اسين ھڪ ڀيرو وري وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  ۽ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو صاحب کان  پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪريون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں