88

بگڙجندڙ معاشي ۽ سياسي صورتحال، وزيراعظم اتحادي پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ چونڊ معاملن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم لنڊن جي دوري بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ اقتصادي پيڪيج سميت اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ جلد يا دير سان چونڊون ڪرائڻ تي غور ڪندو.اجلاس ۾ نئين معاشي پيڪيج يا آءِ ايم ايف سان موجوده معاهدي، چونڊ سڌارن ۽ عمران خان جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں