45

ورلڊ بينڪ پاڪستان کان بجلي ۽ گيس جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: ورلڊ بينڪ پاڪستان کان بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ پينشن ۾ اصلاحات جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊ بينڪ پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ ۾ پينشن اصلاحات تي وفاق ۽ صوبائي پبلڪ سيڪٽر جي پينشن سبب پيدا ٿيندڙ مالي بار کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي اصلاحات متعارف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب عالمي بينڪ چيو آهي ته پينشن اصلاحات جي منصوبي کي تيار ڪري ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي قدم کنيا وڃن ته جيئن ڊگهي مدي جي لاءِ مالي استحڪام کي يقيني بنائي سگهجي.

پبلڪ سيڪٽر جي معاوضي کي معقول بنائڻ جي لاءِ اصلاحاتي منصوبي جي تحت شروعاتي قدم به کنيا وڃن. بجلي ۽ گيس سيڪٽر ۾ قيمتن جي حوالي سان اصلاحات کي رسدي لاڳت سان گڏ جوڙي رکيو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گيس جي شعبي ۾ وڌندڙ قرض کي محدود ڪري سگهجي ۽ غريبن کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.

عالمي بينڪ پرسنل انڪم ٽيڪس جي روينيو اصلاحات تي عالمي بينڪ پگهاردار ۽ غير پگهاردار ملازمن لاءِ اسڪيمن کي ترتيب ڏئي پيچيدگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي انڪم ٽيڪس جي نظام ۾ اصلاحات جو به مطالبو ڪيو آهي.

ورلڊ بينڪ چيو آهي ته مراعات يافته طبقي کي ختم ڪري ايڪويٽي وڌائڻ جي لاءِ مخصوص آمدني جي ذريعن جو علاج ۽ قابل ٽيڪس  آمدني جي ذريعن ۾ شرح جي ڍانچي کي هم آهنگ ڪري ذاتي انڪم ٽيڪس جي نظام ۾ اصلاحات ڪئي وڃي. عالمي بينڪ سماجي طور تي نقصان ڏيندڙ شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته تمباڪو سميت صحت جي لاءِ ٻين نقصان ڏيندڙ شين ۽ ماحول کي نقصان  پهچائيندڙ شين تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو وڃي.

ورلڊ بينڪ توانائي جي مصنوعات ٽيلي ڪميونيڪيشن، مالياتي خدمتون ۽ ٻين جي کهپت تي ذاتي انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ چارجز کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن غريب ۽ ڪمزور گهراڻن تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں