38

بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن: ڊاڪٽر عاصم يوسف

اسلام آباد: بشريٰ بي بي جي معالج ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو آهي ته اڃان تائين اهڙيون ڪي به شاهديون نه مليون آهن ته بشريٰ بي بي کي زهر ڏنو ويو آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو ته بشريٰ بي بي جي معدي ۾ اڃان به جلن آهي، 2 مهينا اڳ ڪجهه هو ته اهو مون نه ڏٺو هو. بشريٰ بي بي جي طبيعت هاڻ بهتر آهي. جيڪڏهن ماضي ۾ ڪجهه ٿيو ته  مان ان جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهان.

هن چيو ته هن وقت زهر جا ڪي به اثر نه آهن. بشريٰ بي بي جي طبيعت 100 سيڪڙو صحيح نه آهي. بشريٰ بي بي جون تفصيلي ٽيسٽون ٿيڻ گهرجن. اميد آهي ته جلد ٽيسٽ جي اجازت ملي ويندي.

ٻئي طرف پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پمز اسپتال جي 4 سينئر ڊاڪٽرن اڄ بشريٰ بي بي جو تفصيلي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو. طبي معائني ۾ زهر ڏيڻ يا هارپڪ جا ڦڙا ڏيڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بشريٰ بي بي کي شڪايت هئي ته کاڌي ۾ مرچون وڌيڪ هيون. ٻشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ڌار ڌار بيان ڏئي پاڻ کي شڪي ۽ ڪوڙو ثابت ڪيو.

ميڊيڪل ٽيم جي چيڪ اپ کان پوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته  ٻئي زال مڙس عادي ڪوڙا آهن. اڳوڻو پي ٽي آءِ چيئرمين ته زمان پارڪ ۾ رهڻ دوران به زهر جون ڳالهيون ڪندو هو. بشريٰ بي بي کي ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ ٿورو احساس ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ٻئي زال مڙس شاهانه انداز ۾ شاهي جيل ڪاٽي رهيا آهن. مخالفن کي  جيلن ۾ وجهندڙ پاڻ 7 عدد سيل ۾ بادشاهن جيان زندگي گذاري رهيو آهي.

پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ جي شروعات اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي کان ٿي سندن سوشل ميڊيا ٽولر تائين پهچندي آهي. ٻنهي زال مڙسن جو ڪوڙ 24 ڪلاڪن ۾ بي نقاب ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں