138

ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (ڇنڇر: 06 اپريل 2024ع) ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. انهن جي قبضي مان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں