129

ڪراچي: معصوم ٻار ۽ سندس ماءُ کي چيڀاٽي گُم ٿيل مرسڊيز ڪار پ پ ايم پي اي فاروق اعواڻ جي فارم مان هٿ

ڪراچي: (سومر: 15 اپريل 2024ع) عيدالفطر کان 2 ڏينهن اڳ گلشن اقبال بلاڪ 7  مان ماءُ ۽ سندس 8 ورهين جي پٽ کي چيڀاٽي فرار ٿيندڙ اڳوڻي ايس ايس پي ۽ هاڻوڪي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فاروق اعواڻ جي ميمڻ ڳوٺ ۾ واقع فارم هائوس مان گلشن اقبال انويسٽيگيشن پوليس هٿ ڪري ورتي.

حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻار عيدالفطر جي ڏينهن علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي اها اڃان تائين ڪوما ۾ آهي.

گلشن اقبال ٿاڻي جي حد علامه شبير عثمان روڊ تي پرڏيهي فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽ ڀرسان 8 اپريل 2024 تي هڪ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر سبب عورت نوريه بي بي زال سيد محمد آغا ۽ ان جو 8 ورهين جو پٽ سيد يوسف آغا زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته حادثي جو ذميوار ڊرائيور گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿي ويو هو.

حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ کان پوءِ زخمي ٿيندڙ عورت جي ناٺي سيد احمد الله ولد سيد عبدالله آغا 9 اپريل تي گلشن اقبال ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 24/235 قلم 337 تحت داخل ڪرائي ڇڏيو.

ڪيس ۾ مدعي سيد احمد الله پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مان گهر نمبر E-97 آغا هائوس بلاڪ 7 گلشن اقبال ۾ رهندو آهيان ۽ پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪندو آهيان. 11 لڳي 57 منٽن تي منهنجي ڀاڄائي بي بي نوريه پنهنجي پٽ سيد يوسف آغا سان گڏ ڪنهن ضروري ڪم جي لاءِ وئي هئي. جنهن علامه شبير عثماني روڊ بلاڪ 7 گلشن اقبال تان روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته مسڪن چورنگي طرف ايندڙ گاڏي نمبر Ak-695 سلور رنگ جي مرسڊيز کي ڊرائيور لاپرواهي سان هلائيندو آيو جنهن روڊ ڪراس ڪندڙ منهنجي ڀاڄائي  ۽ سندس پٽ کي چيڀاٽي فرار ٿي ويو جنهن سبب بي بي نوريه ۽ سندس پٽ 8 ورهين جو سيد يوسف آغا زخمي ٿي پيا. انهن کي اسپتال آندو ويو. زخمي ٿيل سيد يوسف عيدالفطر جي پهرين ڏينهن نجي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو هو. جڏهن ته زخمي ٿيل عورت جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي اها ڪوما ۾ آهي.

آچر تي گلشن اقبال انويسٽيگيشن پوليس جي انسپيڪٽر سرفراز ڳجهي اطلاع تي ميمڻ ڳوٺ جي علائقي مان هڪ فارم هائوس تي پوليس پارٽي سان گڏ ڇاپو هڻي مذڪوره مرسڊيز هٿ ڪري ورتي.

فارم هائوس جي ملازم فوري طور تي فارم هائوس جي مالڪ کي پوليس جي ڇاپي جي اطلاع ڏني جنهن تي فارم هائوس جو مالڪ اڳوڻو ايس ايس پي ۽ موجوده صوبائي اسيمبلي ميمبر فاروق اعواڻ موقعي تي پهچي ويو ۽ هن ڇاپي جا تفصيل معلوم ڪيا.

صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فاروق اعواڻ چيو ته انهي گاڏي جي مون کي ڪا خبر نه آئي، مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ گاڏي منهنجي فارم هائوس تي بيهاري وئي آهي. منهنجو هڪ دوست زاهد اعواڻ جاپان ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪرو جو ڪم ڪندو آهي جيڪو جاپان ۾ ئي ترسيل آهي. منهنجو دوست جاپان مان گاڏيون گهرائي منهنجي فارم هائوس تي بيهاريندو آهي منهنجي ملازم ٻڌايو ته فارم هائوس تي پوليس آئي آهي جنهن کان پوءِ مان فارم هائوس پهتس ته واقعي جي خبر پئي.

هوڏانهن حادثي جو ذميوار ڊرائيور فرقان اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. پوليس پارٽي زاهد اعواڻ جي گهر واقع گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ ڇاپو هنيو پر گهر تي ڪوبه موجود نه هو. ڊرائيور جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي. پوليس ذريعن موجب گاڏي جو مالڪ زاهد اعواڻ اڳوڻي ايس ايس پي جو ويجهو مائٽ آهي، جنهن کي گرفتاري کان بچائڻ جي لاءِ ڳجهي هنڌ تي  اماڻيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں