71

آءِ ايم ايف سان معاهدو جو بار عوام تان گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: شاهد خاقان

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدن جو بار عوام تي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته معيشت ملڪ جو اصل مسئلو بڻجي چڪي آهي، 4 سالن کان ملڪي معيشت بهتر ناهي رهي.  ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام تي آءِ ايم ايف سان معاهدن جو بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت جي خرابين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پاڪستان کي اولين ترجيح ڏيڻي آهي، سياسي ۽ ٻين مفادن کي پوئتي ڌڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سياست ثانوي بڻجي وئي آهي، اڄ اتحادين سان ڳالهائينداسين ۽ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين.هن چيو ته مهانگائي هڪ مهيني ۾ نه ايندي آهي پر چئن سالن جو سفر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں