85

ميرپورخاص: گهريلو اڻبڻت تان مڙس اگهور ننڊ ستل زال جو گلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص: محمود آباد ٿاڻي جي حد بخاري ٽائون ۾ گھريلو اڻبڻت تان مڙس ياسين راجپوت اگهور ننڊ ستل پنھنجي زال 4 ٻارن جي ماءُ رخسانه راجپوت جو ڇري سان گلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.

بخاريءَ ٽائون واسي دڪاندار ياسين رانگڙ راجپوت اگهور ننڊ ستل پنھنجي گھرواري 40 ورهين جي 4 ٻارن جي ماءُ رخسانه راجپوت کي تيز ڌار ڇري سان گلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

ان موقعي تي جوابدار جي ڀاءُ ڏير ناصر راجپوت ٻڌايو تہ ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ۾ ٻن ڏينهن کان معمولي ڳالهه تان ناراضگي ھئي رات فجر نماز کان اڳ ڀاء پاران ڀاڄائي تي حملو ڪري گلي تي ڇري جا وار ڪيا رڙين تي آئون اٿيس ته ڀاء ياسين جي ھٿ ۾ ڇري ھئي ۽ ڀاڄائي جو گلو ڪپيل ھو جيڪا کٽ تي پيل ھئي مون ڀاء کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو مونکي ڌڪو ڏئي فرار ٿي ويو.

ھوڏانھن اهڙي اطلاع تي محمود آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پھچايو پوليس موجب واقعو گھريلو تڪرار تان پيش آيو آھي جوابدار فرار ٿي ويو آھي جنھن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻي رھيا آھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں