31

سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اڄ به سخت گرمي جي لهر برقرار رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اڄ به سخت گرمي جي لهر برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته گرمي وڌي وڃڻ سبب شهري غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

موسميات کاتي موجب حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه اڄ به سنڌ صوبي جا گرم ترين شهر هوندا جتي گرمي پد 42 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. شهري وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال ڪن.

ان کان علاوه پنجاب ۾ ڊيره غازي خان، بهاوالپور ۽ ساهيوال ۾ به گرمي پد 42 کان 44 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته لاهور، ملتان، فيصل آباد ۽ سرگودها ۾ گرمي پد 40 ڊگري يا ان کان وڌيڪ رهندو.

ٻئي طرف پشاور ۾ 38، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ 36 ۽ ڪوئٽه ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 25 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں