28

قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: قانون واري وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ شوڪت صديقي جي آئيني درخواستن تي ٻڌڻي 23 جنوري 2024 تي مڪمل ڪئي هئي جنهن جو فيصلو 22 مارچ 2024 تي ٻڌايو ويو.

عدالت شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو سپريم جوڊيشل ڪونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو.

سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو هو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل طرفان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته 11 آڪٽوبر 2018 تي وزيراعظم جي سفارش تي صدر ان جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ان کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي بحال نٿو ڪري سگهجي، ان کي رٽائرڊ جج مڃيو وڃي، هو بطور جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان رٽائرڊ ۽ ٻيون مراعتون پينشن جو حقدار هوندو ان کي پينشن سميت سموريون مراعتون ملنديون.

9 مئي تي صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

جسٽس شوڪت صديقي کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11 آڪٽوبر 2018 جو نوٽيفڪيشن به واپس وٺڻ جي منظوري ڏني وئي، صدر قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني.

صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڏني. نوٽيفڪيشن جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ جي تاريخ 30 جون 2021 کان هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں