33

شڪارپور: مهر مارفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، واٽهڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

شڪارپور:شڪارپور .۾ مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڇڻا مارجي ويا آهن

رپورٽ موجب مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان مھر ڌر  جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن شھر جي ڊکڻ ناڪه تي مارفاڻي برادري جي ماڻھن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب آصف مارفاڻي، محمد علي مارفاڻي سميت ھڪ واٽھڙو سعيد جمالي ٿڏي تي مارجي ويا.

اهڙي اطلاع تي پوليس مارجي ويلن جا لاش کڻائي اسپتال آندا جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں