33

مبارڪپور ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 نينگريون دٻجي ويون، هڪ فوت

مبارڪپور:مبارڪپور ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 نينگري دٻجي ويون جنهن مان هڪ معصوم ٻارڙي فوت جڏهن ته ٻئي زخمي ٿي پئي، جن کي اسپتال اماڻيو ويو.

ڳوٺ قادر بخش مھر ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون 3 ورهين جي شهلا ڌيءَ امتياز ۽ فضا ڌيءَ جاويد مهر سخت زخمي ٿي پيون.  ٻنهي نينگرين کي علاج جي لاءِ اسپتال اماڻيو ويو جتي 3 ورهين جي نينگري  شھلا ڌيءَ امتياز اسپتال نئيندي رستي ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻئي نينگري جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

ڳوٺاڻن موجب ٻئي نينگريون گھر ٻاھران راند کيڏي رھيون ھيون ته سندن مٿان اوچتو ڀٿ ڪري پئي. نينگري جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. فوت ۽ زخمي ٻئي نينگريون پاڻ ۾ سئوٽ ھيون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں