45

ميرپورساڪرو ڀرسان زميني تڪرار تان لاشاري برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

ميرپور ساڪرو: ميرپور ساڪري ڀرسان ڳوٺ نيڪ محمد لاشاري جي لاشاري برادريَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران بندوق جا فائر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

بندوق جا فائر  لڳڻ جي نتيجي ۾ 27 ورھين جو پيار علي ولد صوفن لاشاري  قتل ٿي ويو جڏهن ته 9 ورهين جو نينگر امتياز لاشاري ۽ 13 ورهين جو ارشاد لاشاري زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ميرپور ساڪرو آندو ويو جتان لاش جي ضروري ڪارروائي کانپوء وارثن حوالي ڪيو ويو  جڏهن ته ٻنھي زخمين جي حالت سيريس هجڻ ڪري کين علاج لاءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعي جا تفصيل ورتا پيا وڃن جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں