35

قمبرشهدادڪوٽ: شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، نينگر زخمي

قمبر-شھدادڪوٽ:قمبر شهدادڪوٽ ۾ مگسي برادري جي شاديءَ جي تقريب ۾ خوشي وچان ڪيل هوائي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل جڏهن ته 6 ورهين جو نينگر زخمي ٿي پيو.

رپورٽ موجب مگسي برادري جي شادي جي خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته 6 ورهين جو نينگر سخت زخمي ٿي پيو.

قمبر جي بروهي محلا جي رهواسي مگسي برادري جي شاديءَ جي ھلندڙ پروگرام دوران نوجوان طرفان خوشيءَ ۾ ڪيل فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جو نوجوان ڪاشف ولد غلام حيدر ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته 6 ورهين جو نينگر فياض ولد فاروق احمد سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي وارث ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر کڻائي آيا جتي زخمي نينگر جي حالت سيريس ھئڻ ڪري ايمرجنسي ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں