26

بشريٰ بي بي جي درخواست منظور: حڪومت جو بني گالا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست منظور ڪئي وئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي درخواست تي ڪجهه ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت بشريٰ بي بي جي رهائشگاهه بني گالا کي سب جيل قرار ڏيڻ جو حڪومتي نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏئي ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ بشريٰ بي بي کي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت ۾ جيل اختيارين جيل ۾ گنجائش نه هجڻ ۽ سيڪيورٽي مسئلي سبب بشريٰ بي بي جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏيڻ جو موقف اختيار ڪيو هو.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ گذريل هفتي بشريٰ بي بي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں