25

لاهو هاءِ ڪورٽ ٻاهران وڪيلن جو احتجاج، پوليس جي شيلنگ، لاٺي چارج

لاهور: وڪيلن تي دهشتگردي جي ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران لاهور بار ايسوسيئيشن جي احتجاج تي پوليس لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب لاهور بار ايسوسيئيشن جي ريلي لاهور هاءِ ڪورٽ پهتي، ان موقعي تي وڪيلن عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس احتجاج ڪندڙن وڪيلن کي گرفتار ڪري ورتو.

جنهن کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري لاهور هاءِ ڪورٽ جي عمارت جو مرڪزي دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ رنڊڪون بيهاري ڇڏيون.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ چڪرين دوران پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي ۽ لاٺي چارج شروع ڪري ڏنو.

اها ريلي لاهور هاءِ ڪورٽ بار طرفان ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ريلي اعوان عدل کان شروع ٿي  جنهن کي هاءِ ڪورٽ تائين اچڻو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پهريان کان ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ واٽر ڪين موجود هئا.

هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران جي پي او چوڪ تي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون جاري آهن، پوليس موجب صورتحال تڏهن خراب ٿي جڏهن وڪيلن هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو وڪيلن کي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پوليس جي اضافي نفري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ وڪيلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪئي وئي آهي، اينٽي رائٽس فورس جي دستن کي به طلب ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پوليس ۽ وڪيلن ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي ويو، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ بند ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں