ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته امتحانن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.تفصيل موجب صوبائي وزير اسماعيل راهو وفاقي حڪومت کان امتحانن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ گرمي جي لهر تيز ٿي وئي آهي، امتحانن وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، يونيورسٽين واري وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ امتحاني مرڪزن جي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪري، امتحانن دوران امتحاني مرڪزن جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.اسماعيل راهو چيو ته امتحاني مرڪزن جي چوڌاري اليڪٽرانڪ ڊيوائسز، اسڪينر کڻڻ تي پابندي هوندي جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سمورن امتحاني مرڪزن ۾ موبائيل فون کڻي وڃڻ تي به پابندي هوندي.هن وڌيڪ چيو ته امتحاني مرڪزن ۾ ممڪن لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر اسٽينڊ بائي رکيا وڃن.
95