28

گوادر ۾ دهشتگردن جو اگهور ننڊ ستل پورهيتن تي حملو، پنجاب کان مزدوري لاءِ آيل 7 ڄڻا قتل

ڪوئٽه:  هٿياربندن گوادر ۾ رهائشي ڪوارٽر تي حملو ڪري ڏنو، انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا قتل ٿي ويا. قتل ٿي ويل سمورا ماڻهو پنجاب کان مزدوري جي لاءِ آيل هئا.

پوليس موجب نامعلوم هٿياربندن سربندر جي علائقي ۾ فش باربرچيٽي ڀرسان رهائشي ڪوارٽر تي حملو ڪيو، فائرنگ سبب ڪوارٽر ۾ ستل 7 ڄڻا قتل ٿي ويا، واقعي ۾ هڪ شخص زخمي به ٿيو آهي. اطلاع ملڻ کان پوءِ لاشن ۽ زخمين کي گوادر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

شروعاتي ڄاڻ موجب مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهن جو تعلق پنجاب جي ضلعي خانيوال سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي سرينڊر ۾ حجام جي دوڪان تي ڪم ڪندا هئا، فائرنگ جو واقعو تقريبن رات جو 3 وڳي پيش آيو.

واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز سربندن واري علائقي کي گهيري ۾ وٺي نامعلوم جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ ساجد، اسد عنصر، شان مڪرب، عدنان، حسيب جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته زخمي شخص جو نالو ارسلان آهي.

ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بي گناهه مزدورن جو قتل کليل دهشتگردي آهي. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪنداسين ۽ انهن جي خلاف جنهن به قسم جي فورس استعمال ڪرڻي پئي ڪنداسين پر رياستي رٽ هر صورت ۾ برقرار رکنداسين.

ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير مير ضيا لانگو گوادر واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته دهشتگردن سان سختي سان منهن ڏينداسين. هٿين خالي مزدورن جو قتل بزدلاڻو قدم آهي واقعي جو سمورن رخن کان جائزو وٺي رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں