27

قوم ۽ تاريخ 9 مئي سانحي جي ڪردارن کي معاف نه ڪندي: صدر، وزيراعظم ۽ ٻين سياستدانن طرفان پيغام جاري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 9 مئي ڪاري ڏينهن جي طور تي ياد رکيو ويندو، ذميوارن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي. قوم ۽ تاريخ 9 مئي سانحي جي ڪردارن کي معاف نه ڪندي.

صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 9 مئي تي سياسي طور تي مڇريل هجوم ملڪ ۾ قهرام مچايو، سرڪاري ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو. آصف زرداري 9 مئي جي پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته پرتشدد واقعن سان صرف پاڪستان جي دشمنن جا مفاد ڀريل آهن حملا رياستي رٽ، قانون جي حڪمراني ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هئي، 9 مئي جي تشدد ي ذميوارن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قوم ۽ تاريخ 9 مئي سانحي جي ڪردارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينه جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 مئي سوچن کي ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هڪ طرف قوم جا عظيم پٽ انهن جا گهر ڀاتي، محب وطن عوام آهي ته ٻئي طرف اهي ڪردار آهن جن جي دل ۾ رياست ۽ عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي. هڪ سال گذري ويو پر قوم ملڪ جي ڏوهارين کي ناهي وساريو، قوم سان واعدو آهي ته 9 مئي جهڙو واقعو بيهر نه ٿيندو. اسان کي اڳيان وڌڻو آهي ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن. ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي روشن مستقبل ڏيڻو آهي.

9 مئي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي جو ڏينهن ملڪي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن آهي، انصاف جي گهرج آهي ته قائداعظم جي گهر ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جا واقعا ڪنهن جي ڀڙڪائڻ ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا ويا. پاڪستان 9 مئي جي واقعن تي مٽي وجهو وارو عمل برداشت نٿو ڪري سگهي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي طرفان اهڙن قدمن جي مثال نٿي ملي. ملڪ جي ڳجهن دستاويزن کي ليڪ ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪرڻ سياست نه ملڪ دشمني آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 9 مئي واقعن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن جي طور تي قوم کي ياد رهندو. هن ڏينهن سياسي طور تي مڇريل هجوم ملڪ ۾ قهرام مچائي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو. مڇريل هجوم سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن، فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو. 9 مئي جي واقعن سبب پوري دنيا ۾ ملڪ جي ساک کي متاثر ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں