23

9 مئي سانحي جا منصوبا تيار ڪندڙن ۽ سهولتڪارن سان ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته 9 مئي سانحي جا منصوبا تيار ڪندڙ، سهولتڪارن ۽ عمل ڪندڙن سان ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هٿياربند فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس 9 مئي سانحي تي ٿيندڙ ڏوهاري ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انهي ڏينهن تي سياسي طور تي متحرڪ ۽ برين واش شرپسندن هڪ بغاوت ڪئي، انهي ڏينهن ڄاڻي واڻي رياستي ادارن جي خلاف تشدد جو سهارو ورتو ويو. شرپسند عناصرن ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس علامتن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب شرپسند عناصرن جو مقصد ملڪ ۾ خود ساخته ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هئي، هٿياربند فوج انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ تخريبڪارن سان گڏوگڏ انهن جا منصوبا تيار ڪندڙن جي سازشن کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

هن چيو ته قومي هم آهنگي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي انهي سازش جا منصوبا تيار ڪندڙ سهولتڪارن ۽ ان تي عمل ڪندڙن هٿياربند فوج ۽ رياست جي خلاف نفرت تي ٻڌل هڪ ڪڌي مهم شروع ڇڏي ته جيئن بيانئي کي پنهنجي فائدي جي لاءِ موڙيو وڃي ۽ الزام رياستي ادارن مٿان وڌو وڃي. اهو ئي سبب آهي ته 9 مئي سانحي جا منصوبا تيار ڪندڙن،  سهولتڪارن ۽ عمل ڪرائيندڙن سان سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.

آءِ ايس پي آر جي بيان موجب 9 مئي جي اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ انهي ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اهم آهي ته مستقبل ۾ ڪير به اهڙي طرح جي غير ضروري قدمن ذريعي اسان جي هيروز جي يادگارن ۽ اسان جي اتحاد جي علامتن جي بي حرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں