24

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان نسل تباهه، پوليس منٿلي عيوض اجازت ڏئي ڇڏي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو ته ٻئي طرف منشيات فروش ۽ ان جا سهولتڪار پوليس کي منٿلي ڏئي کلي عام منشيات وڪرو ڪرڻ لڳا. اڪثر ٿاڻن جي حدن ۾ ايس ايڇ اوز، اسپيشل وارا، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ۽ جعلساز رپورٽرن منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي.

رپورٽ موجب حيدرآباد ضلعي جي چئني تعلقن ۾ هيروئن، چرس، آفيم، آئيس، سفينا سوپاري ۽ مين پڙي جي خلاف هلندڙ ڪارروائي تي بااثر سهولتڪار اثر انداز ٿيڻ لڳا. جڏهن ته مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز به لالچ ۾ اچي منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. حيدرآباد  جي بي سيڪشن ٿاڻي، اي سيڪشن، ڦليلي، پڃاري، مارڪيٽ، سائيٽ ايريا، نسيم نگر، ڀٽائي، نگر، حسين آباد ٿاڻن جي حدن ۾ سرعام انڊين گهٽڪو ۽ مين پڙي جي خريد ۽ وڪرو تيزي سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان نسل مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته نسيم نگر ٿاڻي، ڀٽائي نگر، قاسم آباد ۽ ڪينٽ ٿاڻي ۾ بااثر شخص زوهيب پٺاڻ ۽ انتظار ڪلهوڙو نالي شخص منشيات فروشن جا سهولتڪار بڻيل آهن. جڏهن ته مارڪيٽ  ۽ پڃاري ٿاڻي ۾ راشد پاپڙي نالي شخص منشيات فروشن جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهي.

سائيٽ ايريا ٿاڻي ۽ ٽنڊو يوسف ۾ اسپيشل برانچ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ  سخاوت مالڪ نالي شخص منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جنهن سبب منشيات فروش ديده دليري سان منشيات وڪرو ڪرڻ لڳا. بلديه ٿاڻي جي حد ۾ وزير پالاري نالي شخص منشيات فروشن جي سهولتڪاري ڪندو آهي جڏهن ته ساڳيو شخص منشيات  ڪيبنن تي پهچائڻ ۾ به ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته منشيات فروشن جي سهولتڪاري ڪندڙ ماڻهن لکين روپيه هفتو پوليس کي ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري پوليس منشيات فروشن خلاف ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان قاصر بڻيل آهي.

مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ پرائيويٽ ماڻهو به منشيات فروشن جي سهولتڪاري ڪندا آهن. بااثر سهولتڪار ضلعي جي چئني تعلقن ۾ منشيات خلاف هلندڙ ڪاررواين ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته حسين آباد، جي او آر، ايئرپورٽ ۽ مڪي شاهه ٿاڻن جي حدن ۾ اسد مگسي نالي شخص منشيات فروشن جو سهولتڪار بڻيل آهي جنهن منشيات فروشن کان لکين روپين جي منٿلي وٺي کين کلي ڇوٽ ڏئي آهي اسد مگسي جا پوليس جي اعليٰ آفيسرن سان لاڳاپا آهن جنهن جي ڪري منشيات فروشن جو ڪير به نالو وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.

ٻئي طرف ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ چيو آهي ته ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي منشيات فروشن جي خلاف ڪارروايون هر حال ۾ جاري رهنديون. سماج دشمن عناصرن کي ڪنهن به صورت  ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں