83

ن ليگ عوام جي دلين ۾ رهندي آهي: پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز

لاهور (رپورٽر) پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز چيو آهي ته ن ليگ عوام جي دلين ۾ رهندي آهي. گجرات ۾ تاريخي جلسي تي شهرين جو شڪريو ادا ڪندي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز چيو ته گجرات جي عوام اسان جون دليون کٽي ورتيون آهن.حمزا شهباز چيو ته گجرات جي عوام منهنجو قدر ڪيو آهي، اوهان جي محبت جو قرض ادا نٿو ڪري سگهان پر گجرات جا مسئلا حل ڪري اوهان جي محبت جو قرض ضرور ادا ڪندس.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عوام جي دلين ۾ رهندي آهي ۽ دلين تي حڪومت ڪندي آهي، گجرات مسلم ليگ (ن) جو آهي ۽ انشاءَ الله مستقبل ۾ به مسلم ليگ (ن) سان گڏ رهندو.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته گجرات جي شهر ڪوٽلا ۾ عوام جو سمنڊ عمران نيازي جون بند اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں